بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به واپاري محمد نواز مينگل جي قتل خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي

بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به واپاري محمد نواز مينگل جي قتل خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته ننڍيون وڏيون مارڪيٽون به بند رهيون.

گذريل ڏينهن مستونگ جي جابلو علائقي مان ليويز اهلڪارن پنج ڏينهن اڳ اغوا ٿيل  رائس ملز جي مالڪ محمد نواز مينگل جو لاش هٿ ڪيو هو.

مغوي جو لاش هٿ اچڻ بعد ڊيرا مراد جمالي، نصير آباد سميت مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

اڄ ٻئي ڏينهن به واپاري اتحاد جي سڏ تي ڊيرا مراد جمالي ۾ شٽر هڙتال بند ڪئي وئي، جنهن سبب ننڍيون وڏيون مارڪيٽون بند رهيون.

هوڏانهن خانگي اسڪول ايسوسيئيشن جي سڏ تي واپاري حاجي محمد نواز مينگل جي قتل واري واقعي خلاف نصير آباد ضلعي  جا سمورا خانگي اسڪول بند ڪيا ويا.

واپارين جو چوڻ آهي ته حڪومت فوري طور رائس مل جي مالڪ محمد نواز مينگل جي قاتلن کي گرفتار ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*