لاڙڪاڻو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پي ايس ٽي لاءِ  ورتل ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پي ايس ٽي لاءِ  ورتل ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اميدوارن مجيب الرحمٰن چنو، علي ڏنو گاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي.

 احتجاج ڪندڙن دانهيو ته هنن 2009ع  ۾ سنڌ يونيورسٽي جي منعقد ڪيل ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، پر کين آفر آرڊرز نه ڏنا ويا، جڏهن ته ٻين کي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کين فوري طور تي آفر آرڊر جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*