حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ ميوزيم جي ملازمن رحمت الله راڄپر، محمد خليل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڊپٽي ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر شيرمحمد مهر کي جلد بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*