دادو ڀرسان پلاٽ جي مالڪيءَ تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

دادو ڀرسان پلاٽ جي مالڪيءَ تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي روڊ تي واقع ڳوٺ نور واهه ۾کوسا برادريءَ  جي هڪ خاندان ۾پلاٽ جي مالڪيءَ واري تڪرار تان چاچن ڀائٽين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾  اصغر کوسو، حسن کوسو، عبدالحڪيم، فرزانا ۽ شريفان شامل آھن، جن کي  فوري طور سول  اسپتال منتقل ڪيو ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*