دادو جي سول اسپتال تي جج ڇاپو هڻي مختلف وارڊز ۾صفائي نه هجڻ ۽ مريضن پاران دوائون نه ملڻ واري شڪايتن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال عملي کي ڇنڊ پٽي، سيڪنڊ سول جج  چيو آهي ته اسپتال ۾ جيڪڏهن ٻيهر گندگي نظر آئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي

دادو جي سول اسپتال تي جج ڇاپو هڻي مختلف وارڊز ۾صفائي نه هجڻ ۽ مريضن پاران دوائون نه ملڻ واري شڪايتن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسپتال عملي کي ڇنڊ پٽي، سيڪنڊ سول جج  چيو آهي ته اسپتال ۾ جيڪڏهن ٻيهر گندگي نظر آئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

سيڪنڊ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ گل محمد بروهي سول اسپتال تي اوچتو  ڇاپو هڻي صحت جي سهولتن جو جائزو ورتو.

سول جج اسپتال جي مختلف وارڊز ۾ صفائي نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملي کي پڻ ڇنڊ پٽي.

 سول جج اسپتال جي اسٽور ۽ مختلف شعبن ۾ مريضن کان پڻ ڄاڻ ورتي، ان موقعي تي سول جج آڏو مريضن دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

 سول جج ايم ايس کي طلب ڪيو، ايم ايس جي نه هجڻ تي انچارج ايم ايس غلام حسين پنهور پهچي سول جج کي عملي، ڊاڪٽرز بابت ڄاڻ ڏني.

 سول جج ليبارٽري ۾ پڻ عملي کان معلومات ورتي جتي گندگي تي سول جج عملي کي ڇنڊ پٽيندي سختي سان هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ صفائي جا انتظام بهتر ڪيا وڃن ٻيهر گندگي نظر آئي ته ڪارروائي ڪئي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*