سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي نااهلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل واپس وٺڻ تي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي نااهلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل واپس وٺڻ تي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو، دانيال عزيز چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن خاموشيون وڏو گجگوڙ ڪنديون آهن.

سپريم ڪورٽ جسٽس گلزار جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز جي نااهلي واري فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران دانيال عزيز اپيل واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت دانيال عزيز طرفان اپيل واپس وٺڻ تي معاملي کي اڪلائي ڇڏيو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته ڪڏهن ڪڏهن خاموشيون وڏو گجگوڙ ڪنديون آهن.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي مملڪتي وزير دانيال عزيز کي پنج سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو وهو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*