لاهور هاءِ ڪورٽ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هر عمل جو ردعمل هوندو آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن هٿين پئجي ويا ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس علي باقر نجفي جي سربرهي ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق طرفان جاچ دوران ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق عدالت طرفان ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيا.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته هو نيب سان سهڪار ڪري رهيا آهن،  جنهن سبب نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  ويو ته نيب پيراگون سٽي هائوسنگ سوسائيٽي خلاف هلندڙ جاچ ۾ خواجا ڀائرن کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.

درخواست موجب، ڊي جي نيب هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته نيب خواجا ڀائرن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوويو آهي ته سندن پيراگون سٽي هائوسنگ سوسائيٽي سان ڪو به تعلق نه آهي، نيب کي جاچ دوران پنهنجي بي گناهي جو ثبوت ڏئي چڪا آهيون.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خدشو آيه ته نيب کين گرفتار ڪندي، ان لاءِ نيب کي جاچ دوران گرفتار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ خواجا سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته هر عمل جو ردعمل هوندو آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن هٿين پئجي ويا ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟،

هن چيو ته اسان جي خلاف حڪومت نيب سان مليل آهي، منهنجو گناهه آهي ته آئون ڳالهايان ٿو، ڇا ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيان.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، ٻڌايو وڃي ته جيڪي آئيني ۽ قانون ٽوڙين پيا ڇا اُهي پڪڙ ۾ ايندا؟.

خواجا سعد رفيق چيو ته هاڻ 80 ۽ 90 وارا حربا نه هلندا، هي 2018 آهي، اسان ڪوشش ڪئي ته سوال ڪريون ۽ ان جو جواب ملي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*