پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ ڪرپشن جي معنيٰ آصف زرداري ۽ آصف زرداري جي معنيٰ ڪرپشن آهي

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ ڪرپشن جي معنيٰ آصف زرداري ۽ آصف زرداري جي معنيٰ ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي ليڊر کي سمجهائي ته هاڻي ايان علي ذريعي پيسا نه ٿو موڪلي سگهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته آڪسفورڊ ڊڪشنري ۾ ڪرپشن جي معنيٰ آصف زرداري ۽ آصف زرداري جي معنيٰ ڪرپشن آهي.

 هن چيو ته، پيپلزپارٽي پنهنجي ليڊر کي سمجهائي ته هاڻي ايان علي ذريعي پيسا نه ٿو موڪلي سگهي، پيپلزپارٽي کي “ ايڪ زرداري سب پر ڀارِي” ئي نقصان پهچايو آهي.

پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته، هو ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ قبضن ۾ ملوث آهي، آصف زرداري اهڙو نالو ٺاهيو آهي جنهن جو مثال نٿو ملي.

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته، سنڌ ۾ 25 آفيسرز کي نيب پڪڙيو، جيڪي ٻيهر آفيسرز ٿي ويا آهن، سنڌ سرڪار معطل آفيسرز کي پلي بارگين ڪري بحال ڪرايو.

هن چيو ته، آصف زرداري چيو هو ته جيڪڏهن مون جعلي اڪائونٽس ٺاهيا ته اوهان ڇا ڪندا؟

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي وڪيلن جي ڪيس جو فيصلو ڪرڻو آهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته شهزاد اڪبر اقامي جو ڊرامو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، اڳوڻي ملڪي قيادت ڪرپٽ هئي، انهن جا پرڏيهه ۾ اثاثا هئا.

هن چيو ته، پاڪستان مان ساليانو هڪ ارب مني لانڊرنگ ڪئي پئي وئي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت ۾ 5 هزار جعلي اڪائونٽس سامهون آيا.

هن چيو ته، مني لانڊرنگ اقامي جي ڇٽي هيٺان ڪئي وئي آهي، ڊرائيور ۽ مالهي جي نالي اثاثا ٺاهيندڙ سامهون آيا آهن.

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته، اڳ اقامو مني لانڊرنگ ۽ ڦرلٽ جو ذريعو بڻيل هو.

فياض الحسن مشاهدالله خان کي مناظري جو چئلينج ڪندي چيو ته مشاهدالله خان چمچاگيري ڪري هيستائين پهتو آهي.

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته مان نٿو سمجهان جهانگير ترين خلاف ڪيس ۾ جان آهي، هو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن آهي، ڪا به پارٽي سياسي ڪارڪن کي ڪارڪن طور فارغ نٿي ڪري سگهي.

پنجاب جي صوبائي وزير  چيو ته عليم خان ڪڏهن به ڪڏهن سياسي يا عوامي عهدي تي ناهي رهيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*