تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن جي پرچي ناهي هلندي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن جي پرچي ناهي هلندي، هو ريلوي کي بهتر بڻائي رهيو آهي ۽ خسارو گهٽـائي رهيو آهي.

ڪوئيٽا ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل  گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هو شيخ رشيد کي درخواست ڪري ٿو ته سعد رفيق کي جيل وڃڻ کان اڳ بلوچستان گهرائي کيس ڏيکاريو وڃي ته هتي ڪم اسان  ڪري  رهيا آهيون.

فيصل واوڊا چيو ته شيخ رشيد 500 ڏينهن جو ڪم 50 ڏينهن ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو، اسان بلوچستان جي سمورن مسئلن کي حل  ڪنداسين.

هنن چيو ته بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير جي دل تمام وڏي آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن چيو ته اسان بلوچستان جا ٿورائتا آهيون، جن اسان کي گوادر ريلوي اسٽيشن جي جڳهه ڏني، گوادر کي به به ڊويزن جو درجو ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته شيخ رشيد ريلوي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي

ان کان اڳ صدرڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو هو، جتي هن قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي.

صدر مملڪت بلوچستان جي گورنر امان الله ياسين زئي سان ملاقات ڪئي، بلوچستان جي گورنر صدرپاڪستان کي صوبي جي مجموعي صورتحال کان آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر عارف علويءَ چيو ته بلوچستان جي عوام کي صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ پهرين ترجيح آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*