اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ 25 سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ 25 سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا، 5 سوالن جا جواب وڪيل سان مشاورت بعد ڏيڻ جي استدعا ڪندي نوازشريف چيو ته ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم ٿيو آهيان، وڏو وزير، ناڻي جو وزير ۽ اپوزيشن ليڊر به رهي چڪو آهيان، 2000 کان 2007ع تائين جلا وطن رهيُس، ٽيڪس جا تفصيل مان ئي جمع ڪرايا هئا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ نوازشريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي روسٽرم تي گهرايو، جتي هن 342 وارو بيان قلمبند ڪرايو.

 جج ارشد ملڪ پهرين سوال ڪيو ته ڇا اهو درست آهي ته توهان عوامي عهديدار رهيا آهيو، جنهن جو جواب ڏيندي نواز شريف چيو ته جي ها، اها ڳالهه درست آهي ته مان ٽي ڀيرا وزيراعظم، وڏو وزير، ناڻي جو وزير ۽ مخالف ڌر اڳواڻ رهي چڪو آهيان.

نواز شريف عدالت کي ٻڌايو ته هو 1999 کان 2013 تائين عوامي عهديدار ناهي رهيو، جڏهن ته هو 2000 کان 2007 تائين جلاوطن رهيو.

 ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيلن سوالنامي ۾ شامل ڪجهه سوالن تي اعتراض اُٿاريا .

نوازشريف چيو ته ڪجهه سوال ڪوڙ ۽ افواهن تي ٻڌل آهن ۽ ڪجهه سوالن ۾ تضاد موجود آهي.

نواز شريف جي مددگار وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته ميان صاحب سيٽ تي ويهي رهي اسان جواب جمع ڪرائي ٿا ڇڏيون جنهن تي جج ارشد ملڪ چيو ته جيڪڏهن جواب يو ايس بي ۾ آهن ته جمع ڪرائي ڇڏيو.

جنهن تي مددگار وڪيل چيو ته يو ايس بي ۾ عدالتي سوالن جا جواب ناهن، هارڊ ڪاپي آهي جنهن تي جج چيو ته پنهنجي جواب جي ڪاپي مونکي ڏيو مان پڙهي ٿو وٺان.

عدالت نوازشريف کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏيندي کيس ٻيهر 3 وڳي صحيحي ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته نوازشريف هن وقت تائين 50 مان 45 سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*