وفاقي وزير، اعظم سواتي کان سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم پاڙيسرين سان جهيڙو ۽ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري معاملي بابت 2 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي آهي
وفاقي وزير، اعظم سواتي کان سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم پاڙيسرين سان جهيڙو ۽ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري معاملي بابت 2 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
اسلام آباد ۾ ڊي جي نيب جي صدارت هيٺ جاچ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، وفاقي وزير، اعظم سواتي نيب آفيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو.
ذريعن موجب، جاچ ٽيم پاران اعظم سواتي کان 2 ڪلاڪ پڇاڳاڇا ڪئي وئي ۽ هو سوالن جا جواب ڏيڻ کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو.
ذريعن موجب، اعظم سواتي کي هڪ سوالنامو ڏنو ويو، جيڪو ڊي جي نيب عرفان منگي جي سربراهي ۾ تيار ڪيوو يو هو.
جي آءِ ٽي شروعاتي جاچ جي روشني ۾ سوالنامو تيار ڪيو هو……….