فيصل آباد ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ جي قيام لاءِ وڪيلن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي

، وڪيلن اڄ به عدالتن کي تالا لڳائي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾  وڪيلن هاءِ ڪورٽ بينچ جي قيام لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي هئي ۽ سيشن ڪورٽ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڊي سي آفيس ۾ هلندڙ اجلاس کي به روڪرايو هو.

اڄ به وڪيلن پاران هاءِ ڪورٽ بينچ جي قيام لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي ۽ سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي.

وڪيلن جو چوڻ آهي ته جيتسائين هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم نه ڪئي ويندي، سندن احتجاج جاري رهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*