بالي ووڊ جي ناليواري فلمي جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنويرسنگهه شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن

بالي ووڊ جي ناليواري فلمي جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنويرسنگهه شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن.

 بالي ووڊ جوڙي شادي جي تقريبن لاءِ اٽلي جي خوبصورت ترين هنڌ ليڪ ڪومو جي چونڊ ڪئي، جتي مخصوص مهمانن کي دعوت ڏني وئي هئي.

 ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب شادي ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي، جنهن ۾ دپيڪا ۽ رنوير جي گهر ڀاتين کان سواءِ بالي ووڊ مان شاهه رخ خان، فرح خان ۽ سنجي ليلا ڀنسالي شامل آهن.

 رنوير ۽ دپيڪا جي شادي واريون تقريبون  ٻئي ڏينهن به جاري آهن، اڄ رنوير ۽ دپيڪا سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا، جڏهن ته ٻنهي مهمانن کي ڦوٽو نه ڪڍڻ ۽ ڪيميرا يا موبائيل فون کڻي نه اچڻ جي تلقين ڪئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*