سپريم ڪورٽ ٿر ڪول منصوبي واري ڪيس ۾ ثمر مبارڪ مند جي منصوبي بابت حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار کي اَويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جو چيئرمين بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ ٿر ڪول منصوبي واري ڪيس ۾ ثمر مبارڪ مند جي منصوبي بابت حتمي رپورٽ جمع ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار کي اَويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جو چيئرمين بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس  ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اويڪيو ٽرسٽ جو کاتو بنا چيئرمين جي هلي رهيو آهي، اربين رپين جي پراپرٽي جو معاملو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾  چيف جسٽس جِي سربراهي ۾ ٽَي رڪني بينچ ٿرڪول پاور منصوبي بابت ڪيس جِي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل نيئر رضوي  عدالت کي ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ آڊيٽر جنرل جِي رپورٽ اچڻي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ ته ثمر مبارڪ مند جِي به رپورٽ اچڻي هئي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سڀ چئي رهيا آهن ته 4 ڊسمبر تي حتمي رپورٽ پيش ڪنداسين.

چيف جسٽس چيو ته اسان ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيا آهيون پر بعد ۾ هن ڪيس تي ڪا به اِلتوا نه ملندي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته وڏي عرصي کان اويڪيو ٽرسٽ کاتو بنا چيئرمين جَي هلي رهيو آهي، اربين رپين جي ملڪيت جو معاملو آهي، ڊاڪٽر رميش ڪمار کي ئي چيئرمين بڻايو.

سپريم ڪورٽ ٿرڪول ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏِي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*