سنڌ  جي مختلف شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، جنهن ڪري آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن

سنڌ  جي مختلف شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي، جنهن ڪري آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن.

 قاضي احمد ويجهو  نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ جي آبادگارن محمد هاشم ٻگهيو، نورمحمد انڙ ۽ ٻين 53 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي.

جوهي ۾ غلام قادر رند، شمن کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبپاشي آفيس آڏو علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن دانهيو ته آبپاشي کاتي جو عملو بااثرن جي ملي ڀڳت سان پاڻي پئسن سان وڪرو ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ   سبب سندن زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري گهرن ۾ فاقا ڪشي واري صورتحال آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*