سينيٽ چيئرمين سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي سينيٽ ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

سينيٽ چيئرمين سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي سينيٽ ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي رولنگ ڏيندي چيو آهي ته سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير جيستائين ايوان کان معافي نه ٿو وٺي، تيستائين مٿس پابندي لاڳو هوندي، ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، سڌ سماءَ واري وزير کي ايوان ۾ اچي پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ گهرجي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي اپوزيشن طرفان واڪ آئوٽ ڪيو ويو.

سينيٽ چيئرمين سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي سينيٽ ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

صادق سنجراڻي رولنگ ڏيندي چيو ته سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير جيستائين ايوان کان معافي نه ٿو وٺي، تيستائين مٿس پابندي لاڳو هوندي.

سينيٽ چيئرمين  چيو ته، ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، سڌ سماءَ واري وزير کي ايوان ۾ اچي پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ گهرجي.

صادق سنجراڻي چيو ته، هو معافي نه ٿو وٺي ته سينيٽ جي قانون ۽ رول تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ايوان ۾ ڪجهه عرصي کان بدنظمي پيدا ٿي رهي آهي، اسان تي لازمي آهي ته اهڙين ڳالهين تي احتياط ڪيون.

سينيٽ چيئرمين  چيو ته، هائوس کي سٺي نموني هلائڻ حڪومت جي وڌيڪ ذميواري هوندي آهي.

صادق سنجراڻي چيو ته، اپوزيشن ليڊر، هائوس ۽ چيئرمين جو احترام ڪرڻ ضروري آهي،  هائوس جي ڪارروائي دوران ڪنهن به ميمبر کي اهڙا لفظ استعمال  نه ڪرڻ گهرجن.

مير حاصل بزنجي چيو ته جيستائين وفاقي وزير معافي نه وٺندو، تيستائين ايوان ۾ نه اينداسين.

راجا ظفرالحق چيو ته گذريل ڏينهن جيڪي بدنظمي ٿي، سندن واڪ آئوٽ ڪرڻ کانسواءِ ڪو  ٻيو علاج نه آهي.

شبلي فراز چيو ته فواد چوڌري ۽ مشاهدالله خان جي تقرير جو رڪارڊ گهرايو، پوءِ ٻڌايو ته ڪنهن غيرپارلياماني لفظ استعمال ڪيا آهن، اوهان ڪميٽي جوڙيو، مان پارلياماني ليڊر طور معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان.

 شيري رحمان چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ماضي ۾ ناهي ٿيو، اسان چاهيون ٿا ته ايوان جي ڪارروائي هلي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته پابندي بابت اوهان تاريخي ۽ اهم فيصلو ڪيوآهي، اڳ به اهڙا قدم کنيا ويا،  پر هاڻ حڪومت گاريون ڏيڻ واري رَوِش قائم ڪئي آهي.

 هن چيو ته ، جڏهن سوال ڪندا آهيون ته چيو ويندو آهي ته اوهان جي حيثيت ڪهڙي آهي، مون ايس پي طاهر داوڙ تي سوال ڪيو ته مون کي چيو ويو ته اوهان کي داوڙ صاحب جي ڪس جاچ جو حصو بڻايون ٿا.

سينيٽر چيو ته، سڌ سماءَ وارو وفاقي ٻيهر ايوان ۾ اچي اهو سلسلو شروع نه ڪري، حڪومت وٽ هر سوال جو جواب چور ۽ ڌاڙيل هوندو آهي.

شيري رحمان چيو ته اسان ڪنهن جي به ذات تي ڪجهه نه ڳالهايو آهي،  چيئرمين سڀني کي هدايت ڪري ته قاعدن ۽ ضابطن موجب هلڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*