گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ  چاهين ٿا

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ  چاهين ٿا، جن ڏانهن سخت پيغام وڃڻ گهرجي، ايس پي طاهر داوڙ جي قاتلن کي عبرتناڪ انجام تي  پهچائينداسين.

سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايس پي طاهر جي مغفرت لاءِ دعا  گهرائي وئي.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي شهريار آفريدي چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا.

 هن چيو ته، وزيراعظم ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، قاتلن کي عبرتناڪ انجام تي  پهچائينداسين.

هن چيو ته، ايس پي طاهر داوڙ تي 2 ڀيرا آپگهاتي حملا ٿيا ۽ کيس ڌمڪيون ملنديون رهيون، جڏهن ته 13 تاريخ تي ايس پي داوڙ جي لاش جا فوٽيز سامهون آيا.

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير  چيو ته افغانستان حڪومت ايس پي طاهر داوڙ جَي قتل  جِي تصديق ڪئي.

هن چيو ته سيف سٽي جون 600 ڪئميرائون غيرفعال آهن، قوم جو پئسو اهڙين ڪئميرائن تي ضايع ڪيو ويو جيڪي ناڪارا آهن.

 شهريار آفريدي چيو ته، اسلام آباد ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ تي 18 سئو ڪيمرا لڳايون ويون پر اها ڪيمرائون  گاڏي جي نمبر پليٽ ۽ چهرا نٿي ڏسي سگهن.

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير  چيو ته سياسي جماعتن سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ ڪڪ بيڪس ورتا، آئون جاچ ڪرائيندس.

شهريار آفريدي چيو ته، پاڪستان جي سلامتي تي ڪا به سودي بازي نه ٿيندي، جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڏسڻ ٿا چاهين، انهن ڏانهن سخت پيغام وڃڻ گهرجي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*