نوابشاهه اين سي ايڇ ڊي استادن پاران پڪو ڪرڻ ۽ پگهارون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
نوابشاهه اين سي ايڇ ڊي استادن پاران پڪو ڪرڻ ۽ پگهارون بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
عبدالغفور ۽ ولي محمد مري جي اڳواڻي ۾ ملازمن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان گذريل 15 سالن کان مختلف اسڪولن ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون پر اڃاتائين پڪو نٿو ڪيو وڃي.
هنن چيو ته 5 مهينن کان پگهارون بند ڪرڻ سبب سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو کين پڪو ڪري 5 مهينن جون رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن.