پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمز شهباز چيو آهي ته نيب رڳو ڪارو قانون نه پر هڪ تماشو به آهي

پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمز شهباز چيو آهي ته نيب رڳو ڪارو قانون نه پر هڪ تماشو به آهي، جنهن جي پٺيان نيازي صاحب جو بغض به لڪيل آهي. جعلي ڪم جعلي هوندو آهي ۽ ان جو عوام ڀوڳي رهيوآ هي، شهباز شريف تي هڪ ڏوهه به ثابت نه ٿي سگهيو آهي ، هاڻ حڪومت جي اها ٻولي نه هلندي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته نواز ليگ وڏي جماعت آهي، اسان کي نه ڊيڄاريو وڃي، جيترو اسان کي ڊيڄاريو ويندو، اوترو اسان وڌيڪ مضبوط ٿينداسين.

حمز شهباز چيو ته نيب رڳو ڪارو قانون نه پر هڪ تماشو به آهي، جنهن جي پٺيان نيازي صاحب جو بغض به لڪيل آهي.

پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته جعلي ڪم جعلي هوندو آهي ۽ ان جو عوام ڀوڳي رهيوآ هي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته، شهباز شريف تي هڪ ڏوهه به ثابت نه ٿي سگهيو آهي ، هاڻ حڪومت جي اها ٻولي نه هلندي.

ان کان ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته آمريت جو دور ڏسي چڪو آهيان ۽ جعلي دور ڏسي رهيو آهيان، جنهن جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو.

حمزا شهباز چيو ته مشرف دور ۾ به اسان جو 10 سال احتساب ٿيندو رهيو آهي، احتساب جي حق ۾ آهيان پر ان جي پويان نيازي صاحب جو انتقام لڪل آهي.

هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا ۾ نيب سٽيل ماڻهو لڪيل آهن، عمران خان پاڻ به مسٽر ڪلين ناهي، نيب عمران خان جو رانديڪو آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ به اداري تي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪي آهي.

حمزه شهباز چيو ته حڪومت بار بار 50 چورن کي  جيل ۾ وجهڻ جي ڳالهه ڪري ٿي، ڇا هي ڌمڪين ۽ داٻي سان نااهلي لڪائي سگهندا. ………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*