سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جو گورنر  عمران اسماعيل انتظامي معاملن ۾ مداخلت ڪري اختيار اورانگهي رهيو آهي

سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ جو گورنر  عمران اسماعيل انتظامي معاملن ۾ مداخلت ڪري اختيار اورانگهي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضٰي وهاب چيو ته وفاقي حڪومت ٿر جي معاملي تي نوٽيس وٺڻ بدران عملي ڪم ڪري.

صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ جو گورنر اختيار اورانگيندي  انتظامي معاملن تي چائنا ڪٽنگ ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته اسان تي اين آر او جو الزام لڳائي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، اسان نه ڪڏهن ڀڳا آهيون ۽ نه ڀڄنداسين.

مرتضيٰ وهاب فواد چوڌري جي سينيٽ ۾ اچڻ تي پابندي جي آجيان ڪندي چيو ته جڪيو شخص پڳڙيون اڇلائي ان تي پارليامينٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اينٽي ڪرپشن حليم عادل شيخ خلاف زمينن تي قبضن جي جاچ ڪري رهي آهي، حليم عادل شيخ مطمئن رهي جاچ ميرٽ تي ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*