وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين ۽ وزيرن جي سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين ۽ وزيرن جي سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، ڪابينا پنجاب حڪومت جي وي آءِ پي فلائٽس جي حوالي سان ايريل ورڪ لائسنس جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت  هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو  ويو.

اجلاس دوران وفاقي ڪابينا کي آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.جڏهن ته وزيرن هڪ سئو ڏينهن واري پلان دوران وزارتن  جي ڪارڪردگي تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.

ذريعن موجب، آذر بائيجان سان سزا يافته ڏهارين جي ڏي وٺ وارَي معاهدي جي منظوري تي به غور ڪيو ويو.

ڪابينا پنجاب حڪومت جي وي آءِ پي فلائٽس جي حوالي سان ايريل ورڪ لائسنس جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني.

اجلاس ۾ نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن جي نظرثاني بجيٽ جي به منظوري ڏني وئي.

پي ٽي ڊي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي اضافي چارج ڏيڻ جو حوالي سان به غور ڪيو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*