سپريم ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ وڏي وزير جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار معطل ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ وڏي وزير جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به وڏي وزير کان ڪرپشن ڪيس ۾ اجازت وٺڻ جو اختيار غير آئيني آهي، سياسي اجازت وٺن فوجداري قانون جي خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڊي جي اينٽي ڪرپشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن به وڏي وزير کان ڪرپشن ڪيس ۾ اجازت وٺڻ جو اختيار غير آئيني آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته، سياسي اجازت وٺن فوجداري قانون جي خلاف آهي. اينٽي ڪرپشن روز 5، 6 ۽ 10 کي معطل ڪيو ويو آهي.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن چيو ته وڏن بيورو ڪريٽس خلاف ڪارروائي لاءِ  وڏي وزير جو اجازت نامو لازمي آهي.

ڊي جي اينٽي ڪرپشن چيو ته وڏي وزير جي اجازت نه ڏيڻ تي وڏن بيورو ڪريٽس خلاف ڪيس داخل نه ٿو  ڪري سگهجي.

سپريم ڪورٽ اينٽي ڪرپشن انڪوائريز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن کي ٻن هفتن ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*