سپريم ڪورٽ ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ڊي ايڇ اي جي ايڊمنسٽريٽر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ڊي ايڇ اي جي ايڊمنسٽريٽر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر هفتي 20 کان وڌيڪ متاثرن جون درخواستون ملي رهيون آهن، 11 هزار ماڻهو تڪليف ۾ آهن، جڏهن ته 33 هزار ماڻهو اذيت مان گذري رهيا آهن.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل جي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڊي ايڇ اي جي ايڊمنسٽريٽر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم ايڊن جي مفرور مالڪ ارشد ملڪ جي پٽ مراد کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هر هفتي 20 کان وڌيڪ متاثرن جون درخواستون ملي رهيون آهن.

 چيف جسٽس چيو ته، متاثرين ۾ بيواهه به شامل آهن، انهن جو بددعائون ڇو پيون ورتيون وڃن، گرفتار ٿي ڇو اوهان پنهنجي ڪٽنب جي بدنامي ڪري رهيا آهيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته، 11 هزار ماڻهو تڪليف ۾ آهن، جڏهن ته 33 هزار ماڻهو اذيت مان گذري رهياآهن، هي دوت الله جي رحمت آهي، ان کي زحمت ڇو بڻائي ڇڏي آهي.

نيب چيو ته ايڊن 14 ارب ڏنا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته نيب معاملي جو حل ڇو نه ٿي ڪڍي، ماڻهن لاءِ سولائي ڪئي وڃي، معاملي کي حل ڪرايو وڃي، نيب جهڙي نيت سان ڪم ڪري پئي، اهڙي طريقي سان معاملا ناهن اڪلندا.

چيف جسٽس چيو ته، ڊي ايڇ اي کي گهرايو، هڪ ٻڌڻي ۾ متاثرن جو معاملو حل ٿي ويندو.

چيف جسٽس چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي ايڇ اي جي ايڊمنسٽريٽر پيش ۽ جوابدار کي به پيش ڪيو وڃي.

سپريم ڪورٽ ڊي ايڇ اي جي ايڊمنسٽريٽر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*