بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ۾ جوابدار  پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

بلوچستان جي علائقي اوستا محمد ۾ جوابدار  پنهنجي ڀيڻ ۽ هڪ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو غيرت جو آهي، جوابدار فرار ٿي ويو آهي، جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

اوستا محمد ۾ صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالغفور بروهي ۾ جوابدار نظر محمد بروهي پنهنجي ڀيڻ بيگم زادي ۽ خالق داد بروهي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب،  واقعو غير ت جو آهي،  جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي، جنهن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*