سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ ذلفي بخاري جي تعليم، تجربي ۽ اهليت بابت تفصيل طلب ڪندي وزيراعظم عمران خان ۽ ذلفي بخاري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ ذلفي بخاري جي تعليم، تجربي ۽ اهليت بابت تفصيل طلب ڪندي وزيراعظم عمران خان ۽ ذلفي بخاري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ذلفي بخاري جي مقرري بابت فائل به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس تيز ڳالهائڻ تي ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي ذلفي بخاري کي چيو ته اوهان ڪاوڙ پنهنجي گهر ڇڏي اچو. دوستي تي معاملا نه هلندا، وزيراعظم عوام جو ٽرسٽي آهي، ان کي بي لغام اختيار نه آهن.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ وزيراعظم جي معاون خصوصي ذلفي بخاري جي ٻٽي شهريت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ذلفي بخاري جا سمورا تفصيل، مقرري جو عمل ۽ اهليت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ اهم قومي فرض آهي، دوستي تي هي معاملا نه هلند آهن، قومي مفاد تي هلندا آهن.

چيف جسٽس عدلت ۾ ذلفي بخاري جي رويي تي ڪاوڙ جو اظاهر ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي ڪاوڙ گهر ڇڏي اچو، اوهان ڪنهن ٻئي جا دوست هوندا، اوهان سپريم ڪورٽ جا دوست نه آهيو.

چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل ذلفي بخاري کي سندس رويي کان آگاهه ڪري.

ان موقعي تي ذلفي  بخاري جي وڪيل اعتزاز احسن موقف اختيار ڪيو ته معاون خصوصي کي مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي.

جهن تي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم کي بي لغام اختيار نه آهن، هو عوام جو ٽرسٽي آهي، وزير پنهنجي پسند موجب معاملا نه ٿا هلائي سگهن، اسان طئي ڪنداسين ته معاملا آئين تحت هلي رهيا آهن يا نه؟

چيف جسٽس چيو ته اعليٰ عهدن تي پنهنجا نوازي نظر نه اچڻ گهرجي، ذلفي بخاري کي ڪنهن اهليت جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو، ڪنهن جي چوڻ تي سمري تيار ڪئي وئي؟

اعتزاز احسن چيو ته وزيراعظم ته بارڪ اوباما سان به مشورو ڪري سگهجي ٿو پر ذلفي بخاري کي آئيني عهدو نه ڏنو ويو آهي، سندس مقرري رولز آف بزنس  تحت ڪئي وئي.

اعتزاز احسن چيو ته زلفي بخاري ڪابينا جو ميمبر نه آهي، اهڙي شخص وٽ برطانيا ۽ پاڪستان جي ويزا هجي ته سولائي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ ٻٽي شهريت واري ڪيس ۾ ذلفي بخاري جي تعليم، تجربي ۽ اهليت بابت تفصيل طلب ڪندي وزيراعظم عمران خان ۽ ذلفي بخاري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي 5 ڊسمبر تائين ملتوي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*