ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ سبب 6 پورهيتن جي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ سبب 6 پورهيتن جي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ فيڪٽري جو معائنو ڪيو، واقعو فيڪٽري انتظاميا جي غفلت سبب پيش آيو.

ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي سرڪاري جي مدعيت ۾  فيڪٽري انتظاميا خلاف 6 پورهيتن جي سڙي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس موجب، واقعي کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ فيڪٽري جو معائنو ڪيو، واقعو فيڪٽري انتظاميا جي غفلت سبب پيش آيو آهي.

2 ڏينهن اڳ لانڍي جي هڪ فيڪٽري جو بوائلر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 6 پورهيت اجل جو شڪار ٿيا هئا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*