سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گهوسٽ استادن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي

سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ گهوسٽ استادن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جوقتلام ڳڻتي جوڳو آهي، سنڌ سرڪار اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هر ضلعي ۾ شڪايتي سينٽر کولي ڇڏيا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پ پ ميمبر شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن ڪنهن شخص خلاف ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي ته پوليس کيس تنگ ڇو ڪري رهي آهي.

وڏي وزير شرجيل ميمڻ جي سوال تي جواب ڏنو ته عدالتون موجود آهن، پوليس کي فل ۽ هاف فرائي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

هن چيو ته جيڪو به پوليس آفيسر هاف فراءِ ۾ ملوث نڪتو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري کيس عهدي تان فارغ ڪيو ويندو.

جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جو قتلام جاري آهي، سنڌ ۾ هر سال سوين عورتن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عورتن جي قتلام وارن واقعن جي روڪٿام لاءِ جوڳا قدم کنيا پيا وڃن، ان حوالي سان هر ضلعي ۾ شڪايتي سينٽرز به قائم ٿيل آهن.

پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ چيو ته ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙي امل انڌي گولي جو نشانو بڻجي وئي، نوجوان انتظار کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.

هن چيو ته حيدرآباد سميت سموري سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پوليس شهرين جو قتلام ڪري رهي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کان 14 ڏهائي 132 ملين رپيا لون وٺندي آهي ۽ انهيءَ قرض 17 ڏهائي 71 سيڪڙو وياج ڏيڻو پوندو آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سڌي ريت ڪنهن به بئنڪ کان قرض نٿي وٺي سگهي، خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي خريداري لاءِ زرعي بئنڪ کان قرض وٺندي آهي.

ايوان ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*