سنڌ پوليس ۽ نادرا ۾ بائيو ميٽرڪ بابت اهم معاهدو ڪري ورتو آهي
سنڌ پوليس ۽ نادرا ۾ بائيو ميٽرڪ بابت اهم معاهدو ڪري ورتو آهي، سنڌ پوليس جَي ترجمان موجب، ايندڙ هفتي کان پوليس عملدارن جي تربيت شروع ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، سنڌ پوليس ۽ نادرا اختيارين وچ ۾ بائيو ميٽرڪ بابت اهم معاهدو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ادارن جا عملدار موجود هئا.
پوليس اختيارين موجب، بائيو ميٽرڪ مشين ذريعي جوابدارن ۽ چچريل لاشن جي سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهندي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي آفيسن ۾ ڊيوائيسز لڳايون ويون آهن، جڏهن ته ايندڙ هفتي کان پوليس عملدارن جي تربيت جو عمل شروع ڪيو ويندو………..