صدر عارف علوي پنهنجي پروٽوڪول جون گاڏيون ڏسي لاهور ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

صدر عارف علوي پنهنجي پروٽوڪول جون گاڏيون ڏسي لاهور ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر عارف علوي چيو آهي ته منهنجي ڪوشش آهي ته رڳو سيڪيورٽي وٺان ۽ ماڻهن لاءِ ڏکيائن جو سبب بڻجندڙ پروٽوڪول ۾ گهٽتائي ڪريان.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد کان لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتي هن پروٽوڪول جون گاڏيون ڏسي  وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام صدر عارف علوي چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته رڳو سيڪيورٽي وٺان ۽ ماڻهن جي ڏکيائن جو سبب بڻجندڙ پروٽوڪول کي گهٽايا.

صدر چيو ته مان لاهور ايئرپورٽ تي آهيان، جتي 32 گاڏيون ايئرپورٽ ٻاهران منهنجي لاءِ بيٺل آهن، مان ان وقت تائين ايئرپورٽ ۾ رهندس، جيستائين گاڏيون واپس روانو نه ٿينديون.

صدر عارف علوي پاران پروٽوڪول نه وٺڻ بعد پروٽوڪول جون گاڏيون واپس روانو ٿي ويون ۽ صدر سيڪيورٽي جي 5 گاڏين ۾ ايئرپورٽ تان گورنر هائوس پهتو.

واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پروٽوڪول نه وٺڻ جو چئي چڪو آهيان……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*