سنيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ايس پي طاهر خان داوڙ جي قتل جو نوٽيس ورتو

سنيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ايس پي طاهر خان داوڙ جي قتل جو نوٽيس ورتو، رحمان ملڪ چيو آهي ته ايس پي طاهر خان دواڙ جي قتل تي افغانستان حڪومت پاڪستان کي جواب ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي،  افغان حڪومت ٻڌائي ته کين ڪيئن خبر پئي ته مليل لاش طاهر داوڙ جو هو.

سنيٽ جي گهرو معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ايس پي طاهر خان داوڙ جي قتل جو نوٽيس ورتو.

رحمان ملڪ مطالبو ڪيو ته افغان حڪومت انٽرپول جي ايس او پي ۽ اصولن تي ٻڌل قتل جي رپورٽ پاڪستان سرڪار کي ڏي.

هن چيو ته گهرو وزارت 20 نومبر تائين ڪميٽي ۾ طاهر داوڙ جي قتل جي مڪمل رپورٽ جمع رڪرائي.

هن چيو ته ايس پي طاهر خان جي قتل ۾ پرڏيهي هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا، حقيقتن تائين پهچ تمام گهڻو ضروري آهي، افغان انٽيليجنس ايجنسين کي طاهر داوڙ جي سڃاڻپ ۽ سندس لوڪيشن جي خبر هئي.

رحمان ملڪ چيو ته گهرو وزارت ٻڌائي ته ايس پي طاهر خان جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قطم کنيا ويا هئا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*