سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت سوال جو جواب ڏيڻ نه ٿي چاهي ۽ نه ئي پارليامان کي ڪجهه سمجهي ٿي

سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت سوال جو جواب ڏيڻ نه ٿي چاهي ۽ نه ئي پارليامان کي ڪجهه سمجهي ٿي،  وزير تي پابندي هائوس جو اجتمائي فيصلو هو، شايد حڪومت کي خبر نه آهي ته پارلياماني ضابطا ڪهڙا هوندا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومت سوال جو جواب ڏيڻ نه ٿي چاهي ۽ نه ئي پارليامان کي ڪجهه سمجهي ٿي.

هن چيو ته،  وزير تي پابندي هائوس جو اجتمائي فيصلو هو، اسان ڪنهن به وزير جي بي توقير نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اوهان بار بار بدزباني ڪندا ته اسان پارلياماني قائدن ۽ ضابطن کي استعمال ڪنداسين.

سينيٽر شيري رحمان  چيو ته، شايد حڪومت کي خبر نه آهي ته پارلياماني ضابطا ڪهڙا هوندا آهن.

سينيٽر چيو ته، سينيٽ چيئرمين  پابندي لڳائي درست فيصلو ڪيو آهي، پارليامان کي هلائڻ ۽ جواب ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت پارليامان کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪندي شيري رحمان چيو ته آءِ ايم ايف هڪ هفتي کان حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته، ايوان ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن بابت سوال اٿاري ويا آهن پر جواب نه پيا ڏنا وڃن.

هن چيو ته، آءِ ايم ايف نيپرا ۽ ٻين ريگوليٽري باڊيز  ڏانهن وڃي رهيو آهي، ماڻهن سان به ملي رهيو آهي، رڳو اسان کي نه پيو ٻڌايو وڃي ته آءِ ايم ايف جا شرط ڪهڙا آهن؟.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.2 بلين ڊالرز تي پهچي چڪو آهي، حڪومت ان تي ڪو به بحث نه ڪري رهي آهي.

ايس پي داوڙ جي قتل بابت ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته، ايس پي داوڙ قتل رپورٽ ناممڪل ۽ غير سنجيده آهي.

هن چيو ته، وزيراعظم گهرو وزير آهي، هو رڳو نوٽيس وٺڻ کان علاوه ٻيا قدم به کڻي.

شيري رحمان چيو ته، شهيد جي وارثن کي چيو پيو وڃي ته سيف سٽي ڪيمرائون ڪم نه ڪري رهيون آهن.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته حڪومت کي ايترا ڏينهن لڳي ويا رڳو اهو معلوم ڪرڻ ۾ نه ته ڪيمرائون ڪم نه ڪري رهيون هيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*