پنجاب جَي علائقي شور ڪوٽ ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جَي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

پنجاب جَي علائقي شور ڪوٽ ۾ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جَي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حويلي والا ويجهو پتن روڊ تي ليه کان لاهور ويندڙ مسافر بس تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جَي نتيجي ۾ هڪ عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻن ٻارڙن سوڌو 11 مسافر زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وئي.

پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*