ننڍي کنڊ جي ناليواري راڳڻِي رُونا لَيلا زندگي جون 66 بهارون ڏسي ورتيون، مداحن پاران جنم ڏينهن تي کيس واڌاين جا سَنِيها موڪليا پيا وڃن

ننڍي کنڊ جي ناليواري راڳڻِي رُونا لَيلا زندگي جون 66 بهارون ڏسي ورتيون، مداحن پاران جنم ڏينهن تي کيس واڌاين جا سَنِيها موڪليا پيا وڃن.

رونا لَيلا 17 نومبر 1952 ع تي بنگلاديش جي سَهلٽ شهر ۾ پيدا ٿي، سندس پيءُ سيد محمد امداد علي شاهه  ڪراچي ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو، جنهن سبب رونا ليلا جو ننڍپڻ به ڪراچي ۾ ئي گذريو.

رونا لَيلا اسڪول جي وقت دوران به مختلف تقريبن ۾ پنهنجي سريلي آواز جو جادو جاڳائيندي رهندي  هئي.

رونا ليلا پهريون ڀيرو 1966ع ۾ اردو فلم “هم دونون” ذريعي پلَي بَيڪ سنگر طور  ڪيرئير جي باقاعده شروعات ڪئي،  جنهن ۾ مشهور گيت “ اُن ڪِي نظرون سَي محبت ڪا جو پيغام ملا ” کيس شهرت جي بلندي تي پهچائي ڇڏيو.

 روناليلا 1974ع ۾ والدين سان گڏ  واپس بنگلاديش منتقل ٿي وئي پر زندگي جو ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ رهڻ سبب هو سنڌ سان پنهنجو واسطو ختم نه ڪري سگهي آهي.

 روناليليٰ سنڌي ۾ ڪيترائي ڪلام ڳاتا آهن، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جو ڪلام “ تو دلڙِي يار ڌُتارِي، پوءِ ڪا نه ڪَيَئِي پوئَيوارِي” تمام گهڻو مشهور ٿيو، هُن ٻين مشهور فنڪارن جيان حضرت لعل شهباز قلندر جِي ڌمال “سنڌڙي داد شهباز قلندر، سيوهڻ داد شهباز قلندر” ڳايو.

رونا ليلا بنگالي فلمن کانسواءِ پاڪستان ۽ بالي ووڊ فلمن ۾ پڻ ڪيترائي گيت ڳاتا آهن، کيس 7 ڀيرا بنگلاديش نيشنل فلم ايوارڊ سان نوازيو ويو،  روناليليٰ اڄ پنهنجي 66 هين سالگرا بنگلاديش ۾ گهر ڀاتين سان ملهائي رهي آهي، مداحن پاران سالگرهه جي موقعي تي کيس مبارڪون ڏنيو پيون وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*