سپريم ڪورٽ اورينج ٽرين سميت پنجاب جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ حڪومت کي 10 ڏينهن اندر پئسا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سپريم ڪورٽ اورينج ٽرين سميت پنجاب جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ حڪومت کي 10 ڏينهن اندر پئسا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب ثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اورينج ٽرين سوڌ پنجاب جي ميگا پراجيڪٽس ۾ ڪرپشن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٺيڪيدارن جي وڪيل نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته پئسا نه ملڻ سبب اورينج ٽرين منصوبي جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي،  جيڪڏهن وقت سر پئسا نه مليا ته رٿا جي لاڳت ۾ واڌ ٿي ويندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٺيڪيدارن لاءِ پئسو رت جي حيثيت رکي ٿو، حڪومت معاملو جلد حل ڪري.

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي آگاهه ڪيو ته سمورين ڌرين سان ڳالهيون جاري آهن، معاملو جلد هل ٿي ويندو.

عدالت حڪومت کي پئسن جي ادائيگي جي حوالي سان فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*