ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي درخواست منظور ڪندي کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي درخواست منظور ڪندي کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل درخواست داخل ڪرائيندي موقف ڄاڻايو ته عاصم حسين کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي، جنهن جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت درخواس منظور ڪندي ڊاڪٽر عاصم حسين کي 27 نومبر کان 20 ڊسمبر تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*