گورنر سنڌ عمران اسماعيل مرتضيٰ وهاب کي انگريزي ٻولي ۾ مقابلو ڪرڻ جو چئلنج ڪندي چيو آهي

گورنر سنڌ عمران اسماعيل مرتضيٰ وهاب کي انگريزي ٻولي ۾ مقابلو ڪرڻ جو چئلنج ڪندي چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب منهنجي خلاف جاچ ڪرڻ بدران پنهنجي ڪم سان ڪم رکي، عمران خان جي يوٽر وٺڻ واري ڳالهه درست آهي، يوٽرن وٺڻ کانسوا ڪوبه ليڊر وڏا فيصلا نٿو ڪري سگهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي يوٽرن واري ڳالهه درست آهي، ڪوبه ليڊر يو ٽرن کانسواءِ وڏا فيصلا نٿو ڪري سگهي.

گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته فواد چوڌري جيڪو بيان ڏنو آهي ان جو ذميوار هو پاڻ آهي ۽ ان جو جواب به فواد چوڌري ئِي ڏئي سگهي ٿو.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته مرتضيٰ وهاب منهنجي انگريزي جي پٺيان ڇو پئجي ويو آهي؟ جيڪڏهن مرتضيٰ وهاب کي انگريزي ٻولي ۾ مابلو ڪرڻوآهي ته ميدان ۾ اچي.

گورنر چيو ته مرتضيٰ وهاب منهنجي خلاف انڪوائري ڪرڻ بدران پنهنجي ڪم سان ڪم رکي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*