قومي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد نيوزيلينڊ جي ٽيم شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي ۾ کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي پهرين قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

قومي ٽيم احمد شهزاد جي 176، مصباح الحق جي 102، يونس خان جي 100، محمد حفيظ جي 96۽ اظهر علي 87رنز جي شاندار اننگز بعد ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 566 رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾ قومي ٽيم جي بالرز جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ پوري ٽيم 262 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ٽوم لاٿم ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سنچري 103 ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪوري اينڊرسن 48۽واٽلنگ 42 رنز جي اننگ کيڏي۽ اهڙي طرح قومي ٽيم کي فالوآن ٿيو.

قومي ٽيم پاران فاسٽ بالر راحت علي 4، ذوالفقار بابر 3، جڏهن ته محمد حفيظ ۽ ياسر شاهه هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهرين اننگ ۾ 314 جي برتري حاصل ڪرڻ بعد مصباح الحق ڪيوي ٽيم کي بيٽنگ ڪرڻ بجاءِ پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 175رنز ٻن وڪيٽن جي نقصان هڪ ڀيرو ٻيهر اننگ ڊڪلئير ڪري مجموعي برتري 479رنز جي حاصل ڪري ڪيوي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 480 جو ٽارگيٽ ڏنو.

قومي ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ محمد حفيظ 101 رنز جي  اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ اهڙي طرح هن ٽيسٽ ڪيريئر جي ڇهين سنچري اسڪور ڪئي، جڏهن سرفراز احمد 13 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

يونس خان 28۽ اظهر علي 23 رنز اسڪورڪيون،ٻين اننگ ۾ احمد شهزاد جي غير موجودگي ۾ اظهر علي اوپنگ ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم قومي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 480 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ٻين اننگ ۾ برينڊن ميڪيولم 39، وليمسن ۽ڪوري اينڊرسن 23-23رنز جڏهن ته مارڪ گريگ 28رنز اسڪور ڪيون.

قومي ٽيم پاران ياسر شاهه 3، ذوالفقار بابر ۽راحت علي ٻه-ٻه جڏهن ته محمد حفيظ ۽ عمران خان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪاردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*