وزير اعظم عمران خان سڀاڻي گڏيل عرب عمارتن جي دوري تي روانو ٿيندو، يو اَي اِي جي ولي عهد سان ملاقات ڪندو

وزير اعظم عمران خان سڀاڻي گڏيل عرب عمارتن جي دوري تي روانو ٿيندو، يو اَي اِي جي ولي عهد سان ملاقات ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڳ ئي پهتل آهي.

ذريعن موجب، وزير اعظم سعودي عرب ۽ چين جي دورن کانپوءِ گڏيل عرب امارتن وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان سڀاڻي يو اَي اِي جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جتي هو گڏيل عرب امارتن جي ولي عهد سوڌو ٻين ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.

ذريعن موجب، پاڪستان کي سعودي عرب ۽ چين کانپوءِ گڏيل عرب امارتن مان به مالي پيڪيج ملڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي يو اي اي جي هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ آهي، جتي هن مختلف ملڪن جي عملدارن سان ملاقاتون به ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*