مٺي ۾ سي آءِ اَي پوليس پاران ٻن ڀائرن ڪرمڻ ۽ موريو کي گرفتار ڪري

مٺي ۾ سي آءِ اَي پوليس پاران ٻن ڀائرن ڪرمڻ ۽ موريو کي گرفتار ڪري کڻي گم ڪرڻ خلاف سندس ڀاءُ احتجاج ڪندي معصوم پٽ سميت آپگهات جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

 احتجاج ڪندڙ نارائڻ چيو ته سي آءِ اي پوليس بنا ڪنهن ڏوهه جي سندس ٻن ڀائرن ڪرمڻ ۽ موريو کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته سندس ٻَئِي ڀائر ٽائون ڪاميٽي اسلام ڪوٽ جا ملازم آهن، پوليس کين بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

 هن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته سندس ٻنهي ڀائرن ڪرمڻ ۽ موريو کي آزا ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ هو معصوم پٽ سميت کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*