ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي جاچ آفيسر جَي پيش نه ٿيڻ ڪري 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي جاچ آفيسر جَي پيش نه ٿيڻ ڪري 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، پر جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان پيش نه ٿيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر ڊاڪٽر رضوان جي پيش نه ٿيڻ ڪري ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جاچ آفيسر کي ڪيس ۾ مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪرڻي هئي جڏهن ته  اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار، ايس پي قمبر سميت 5 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*