خيبرپختونخواهه  ۾ گرينڊ جرڳي دوران ايس پي پشاور طاهر خان داوڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

خيبرپختونخواهه  ۾ گرينڊ جرڳي دوران ايس پي پشاور طاهر خان داوڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو آهي ته طاهر خان جي معاملي ۾ حڪومتي غفلت افسوس جوڳي آهي.

خيبرپختونخواهه جي علائقي ڊيرا اسماعيل خان ۾ شيخ يوسف چوڪ وٽ وزير گرينڊ جرڳو ٿيو، جنهن دوران طاهر خان داوڙ جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.

جرڳي ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته طاهر داوڙ جي معاملي ۾ حڪومت غفلت مذمت جوڳي آهي، هن ڪيس ۾ ٻين اهم ڪيسن جيان جهڙي جاچ جو طريقو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

قبائلي اڳواڻن چيو ته، ٻڌايو وڃي ته طاهر داوڙ ڪيئن اسلام آباد مان اغوا ٿيو ۽ افغانستان ۾ قتل ٿيو، عالمي ماهرين جي موجودگي ۾ قتل جي جاچ ڪري ذميوارن کي انجام تائين پهچايو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*