پنوعاقل ويجهو ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان  جوابدارن فائرنگ ڪري  نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا

پنوعاقل ويجهو ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان  جوابدارن فائرنگ ڪري  نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا.

ڳوٺ نبي شاهه ڀرسان زمين تي بيٺل ڳوٺاڻي قائم الدين ملڪ کي جوابدار پسٽل سان فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.

اطلاع تي سنگرار ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻي جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ روهڙي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

سنگرار  ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هڪ ڌر جي جوابدارن حملو ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*