لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ڊيلي ويجز سينيٽري ورڪرن کي برطرف ۽ 55 ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف ميونسپل ملازمن  احتجاجي مظاهرو ڪيو

لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ڊيلي ويجز سينيٽري ورڪرن کي برطرف ۽ 55 ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف ميونسپل ملازمن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ملازمن محمد بخش، نديم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جناح باغ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته 400 ڊيلي ويجز سينيٽري ورڪرز کي نوڪرين مان برطرف ۽ 55 ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڊيلي ويجز سينيٽري ورڪرز کي بحال ڪري 55 ملازمن جون رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*