ڪراچي جي علائقي قائدآباد مان هڪ مهينو اڳ گم ڪيل نوجوان نادر ڀنگوار جي آزادي لاءِ سندس وارثن نوشهروفيروز ۾ احتجاج ڪيو

ڪراچي جي علائقي قائدآباد مان هڪ مهينو اڳ گم ڪيل نوجوان نادر ڀنگوار جي آزادي لاءِ سندس وارثن نوشهروفيروز ۾ احتجاج ڪيو.

نوجوان جي والده، گهرواري ۽ ٻين وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .

احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ مهينو اڳ ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان نادر ڀنگوار کي پوليس وردي پهريل اهلڪار وٺي ويا، جنهن کان پوءِ سندس ڏس پتو نه ملي رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود نادر علي جو ڪٿي به ڏس پتو نه ملڻ ڪري پريشان آهيون.

هنن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نادر ڀنگوار کي بازياب ڪرائي گهرڀاتين پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*