دادو ۾ گذريل رات پوليس پاران مقامي هوٽل تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيل 8 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو

دادو ۾ گذريل رات پوليس پاران مقامي هوٽل تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيل 8 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو، ڇاپي دوران نشي ۾ ڌت ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کي پوليس جمعدار زخمي ٿي پيو هو.

   گذريل رات اي سيڪشن پوليس هوٽل تي ڇاپو هڻي شراب جي نشي ۾ ڌت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.

پوليس جي ڇاپي دوران اهلڪارن ۽ نشي ۾ ڌت ماڻھن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾جمعدار اختر پنهور  مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي دادو سول اسپتال بعد ڳڻي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي.

  پوليس هوٽل مان گرفتار ڪيل 8 جوابدارن کي سفارش تي آزاد ڪري ڇڏيو آھي .

زخمي ٿيل پوليس جمعدار جي ڀاءَ ارشاد پنهور چيو ته پوليس پنهنجي پٽي ڀائي زخمي جمعدار جو علاج ڪرائڻ بدران گرفتار ڪيل جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو  آھي.

 هن چيو ته ايس ايس پي کي معاملي جو نوٽيس وٺي سندس زخمي ٿيل ڀاءَ پوليس جمعدار اختر پنهور جو بهتر علاج ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*