سپريم ڪورٽ اوور سيز پاڪستانيز ڪميشن جي اڳوڻي ڪمشنر افضال ڀٽي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ اوور سيز پاڪستانيز ڪميشن جي اڳوڻي ڪمشنر افضال ڀٽي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت افضال ڀٽي کي 10 ڏينهن ۾ 65 لک رپيا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڊي جي نيب لاهور عدالت کي ٻڌايو ته افضال ڀٽي ڏانهن هڪ ڪروڙ 35 لک رهتون آهن، هو رڳو 50 لک رپيا جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

سپريم ڪور۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اوور سيز پاڪستانيز ڪميشن جي اڳوڻي ڪمشنر افضال ڀٽي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڊي جي نيب لاهور عدالت کي ٻڌايو ته افضال ڀٽي ڏانهن هڪ ڪروڙ 35 لک رهتون آهن، هو رڳو 50 لک رپيا جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

عدالت  افضال ڀٽي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته افضال ڀٽي 10 ڏينهن ۾  65 لک رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته افضال ڀٽي کان رقم وصولي جو عمل 10 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*