انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان انهن لاءِ سبق آهي

انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان انهن لاءِ سبق آهي جيڪي نائن اليون کانپوءِ آمريڪا کي خوش ڪرڻ چاهين پيا، تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به طاقتور کي خوش ڪرڻ ڪم ناهي ايندو.

شيرين مزاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدرطرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن تي رد عمل ڏيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جو بيان انهن لاءِ سبق آهي، جيڪي نائن اليون کانپوءِ آمريڪا کي خوش ڪرڻ چاهين پيا.

هن چيو  ته ڏوهارين جِي حوالگِي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جن ۾ ريمنڊ ڊيوس جي آزادي، ڊرون حملن ۾ بي ڏوهه شهرين جو مارجڻ به شامل آهي.

شيرين مزاري چيو ته، تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به طاقتور کي خوش ڪرڻ ڪم ناهي ايندو، چين ۽ ايران بابت آمريڪي پاليسيون پاڪستان جي مفاد ۾ ناهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*