ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ شگر ملز ڪيس ۾ انور مجيد جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ شگر ملز ڪيس ۾ انور مجيد جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، انور مجيد جا پٽ علي ڪمال ۽ ذوالقرنين عدالت آڏو پيش ٿيا.

ڪراچي بينڪنگ ڪورٽ ٽنڊو الهيار شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي، جنهن دوران انور مجيد جا پٽ علي ڪمال ۽ ذوالقرنين سميت اومني گروپ جا ٻيا ملازم پيش ٿيا.

وڪيلن پاران انور مجيد جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته انور مجيد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، علاج سبب هو عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي.

ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته انور مجيد روڊ ذريعي يا ايئر ايمبولينس ذريعي سفر به نه ٿو ڪري سگهي.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته خبر ناهي ته ڊاڪٽرز اهڙي رپورٽ ڇو جاري ڪري رهيا آهن، اسان رڳو ڪيس جي پروسيڊنگ چاهيون ٿا.

عدالت جو چوڻ هو ته  انور مجيد کي اهڙي بيماري ناهي جو عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهي، وڪالت نامو جيل اختيارين جي سامهون صحيح ڪرائڻ لاءِ چيو هو ۽ ڊاڪٽرز کي به پيش ٿيڻ لاءِ چيو پر  ان تي عمل نه ڪيو ويو.

عدالت انور مجيد جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس 6 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*