گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسان کي اهو ناهي ڏسڻو ته دنيا ڇاٿي چوي پر اسان کي قومي مفاد ڏسڻو آهي

گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته اسان کي اهو ناهي ڏسڻو ته دنيا ڇاٿي چوي پر اسان کي قومي مفاد ڏسڻو آهي.

 اسلام آباد ۾ شهريار آفريدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جانتيجا سامهون اچڻ گهرجن، هر حڪمران ۽ رياست کي پنهنجي سوچ ۽ ڳالهه ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي.

 گهرو مملڪتي وزير چيو آهي ته اسان کي دنيا ۽ انسانيت کي باوَر ڪرائڻو آهي ته اسان جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ اسان کي اهو نه ڏسڻو آهي ته دنيا ڇا پئي چوي پر اسان کي پنهنجي مفادن کي ڏسڻو آهي.

 واضح رهي ته امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي تازي انٽرويو دوران پاڪستان تي الزامن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڀرپور جواب ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي سربراهن ۾ ٽوئٽر تي بيان بازي ٿي.

       ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي جي حوالي سان شهريار آفريدي چيو ته پي ايس ايل سميت سموري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ واپس پاڪستان ايندي، عالمي ڪرڪيٽ کي واپس آڻڻ  حڪومت جي ترجيح آهي، اسان ان لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*