سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين کي 10 ڏينهن اندر پنهنجون خاميون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ماڻهن جي زندگي جو  معاملو آهي

سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين کي 10 ڏينهن اندر پنهنجون خاميون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ماڻهن جي زندگي جو  معاملو آهي، ڪوڙ ڳالهائي گدلو پاڻي پياريو پيو وڃي، شهري مرضن ۾ وٺجي رهيا آهن.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان خاص طور تي جر واري پاڻي جَي استعمال بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 عدالت انساني صحت لاءِ نقصانڪار پاڻي تي هڪ ڪمپني جو پلانٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته خانگي ڪمپنين کي نُقص دور ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

سپريم ڪورٽ عدالتي ڪميشن کي سموري ملڪ ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي انسپيڪشن ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي.

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ماڻهن جي زندگي جو  معاملو آهي، ڪوڙ ڳالهائي گدلو پاڻي پياريو پيو وڃي، شهري مرضن ۾ وٺجي رهيا آهن.

 چيف جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته عدالت پاڻي جو اگهه گهٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، هي انساني زندگي جو معاملو آهي، سخت ڪارراوئي ڪئي ويندي، جيسيتائين وڏَي ماڻهو ۾ هٿ نه پوندو بهتري نه ايندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*